گاجي کهاوڙ (رپورٽ: مدثر کهاوڙ) گاجي کهاوڙ ڀرسان ڳوٺ حاڪم ڏيپر ۾ گهريلو تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ ۾ ڪمال ڏيپر جي ڌر جو نوجوان اسفنديار عرف سمير ڏيپر پٽ الطاف ڏيپر  قتل ٿي ويو،  مقتول نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو، ان حوالي سان ڪمال ڏيپر جو چوڻ هو ته منهنجي سالي اسفنديار عرف سمير ڏيپر کي منهنجي ڀاءُ ضلعي  ڪائونسل جي ميمبر احمد خان عرف پپو ڏيپر گهر ۾ گهڙي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته جوابدار کي گرفتاري ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻي طرف ذريعن موجب ڪمال ڏيپر ڪجهه سال اڳ پنهنجي پيءُ منٺار ڏيپر جي وفات بعد سرداري جي پڳ ٻڌي هئي، جنهن تان ضلعي ڪائونسل جي ميمبر وڏي ڀاءُ احمد خان عرف پپو ڏيپر کي اعتراض رهندو هيو،ٻي طرف گاجي کهاوڙ پوليس ٻڌايو ته مقتول جا وارث ايندا ته ڪيس داخل ڪيو ويندو، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. هوڏانهن ضلعي ڪائونسل جي ميمبر پپو ڏيپر سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر رابطو نه ٿي سگهيو.