گاجي کهاوڙ (ن پ ا) ڳوٺ شيخ فارم ۾ 14  ورهين جي نينگر عطا محمد چانڊيو پٽ مينهل چانڊيو پنهنجي گهر ۾ بيٺل وڻ ۾ رسو ٻڌي خودڪشي ڪري زندگي جو انت آڻي ڇڏيو آھي، اهڙو اطلاع ملڻ تي پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاءِ وارهه اسپتال پهچايو، ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش پهچڻ تي نينگر جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو.پوليس موجب نينگر ڪجهه ڏينهن کان ٻاهر گم هو، گهر اچڻ سان ئي خودڪشي ڪئي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آھي.