گاجي کهاوڙ (رپورٽ: مدثر کهاوڙ) گاجي کهاوڙ ڀرسان پير شيخن سائين قبرستان وٽ پلال جي کُري مان پيرسن عورت جو بليڊ سان ڪن ڪپيل لاش هٿ ڪيو ويو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، اسپتال ۾ عورت جي سڃاڻپ سڪينه زال الله ڏنو اوڍاڻو نصيرآباد واسڻ طور ڪئي وئي،  مقتولا عورت پٽ ضمير اوڍاڻو جو چوڻ هو ته منهنجي ماءُ کي سون جون واليون پاتل هيون، جيڪي منهنجي ماءُ جا بليڊ سان ڪن ڪپي سونيون واليون لاٿيون ويون آھن، اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، هن مطالبو ڪيو ته اصل قاتل گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف گاجي کهاوڙ پوليس ٻڌايو ته شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ ۾ عورت کي مٿي ۾ ڌڪ لڳل آهن، جنهن سبب هن جو موت ٿيو آھي، جڏھن ته عورت کي سونيون واليون پاتل هيون، عورت جا ڪن ڪپي واليون لاٿيون ويون آھن، جلد ڪيس داخل ڪري جوابدار گرفتار ڪيا ويندا.