اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ۽ توانائي جي وزير  محمد علي بريفنگ ڏيندي چيو آهي ته گئس جي قيمتن ۾ اضافو اي سي سي مان منظور ٿي ويو آهي. هاڻي حتمي منظوري لاءِ اهو مامرو ڪابينا ويندو. وزير توانائي محمد علي چيو ته گئس جي قيمتن ۾ اضافي بعد پاڪستان ۾ پيٽروليم سيڪٽر ۾ گردشي قرض ختم ٿي ويندا. گئس سيڪٽر ۾ گذريل ڪجهه سالن ۾ گردشي قرضو 400 ارب هيو، آئل ۽ گئس جي پيداوار گذريل 10 سالن جي مقابلي ۾ گهٽ آهي. وزير توانائي چيو ته اهو تاثر غلط آهي ته گئس جي قيمتن ۾ اضافي جو فائدو اميرن کي ٿيو آهي، پاڪستان جي اڪثر ٻهراڙين ۾ گئس موجود ئي ناهي هوندي، گئس صرف شهرن ۾ موجود هوندي آهي. ڳوٺن ۾ گهڻو ڪري ايل پي جي ۽ ڪاٺ جو استعمال ٿيندو آهي، 70 سيڪڙو عوام گئس جي سهولت کان محروم آهي. امير طبقو گئس گهٽ قيمت تي حاصل ڪري استعمال ڪندو هو.