ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي لاءِ منشور جو اعلان ڪري ڇڏيو. جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان ڪالھه  ڪراچي جي مختلف تڪن تي بيٺل جماعت جي اميدوارن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اقتدار ۾ اچي  ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ صحت ڪارڊ ڏئي ـ آئين مطابق گيس جي فراھمي يقيني بڻائي، ٽيرف ۾ گھٽتائي آڻي، ڊگري ڪاليجن ۾ گريجوئيش جي ڊگري، نوجوانن کي ھنر جي سکيا، عورتن کي خانداني وراثت ۾ حق يقيني، محفوظ ۽ باعزت ٽرانسپورٽ، اسٽريٽ ڪرائيم جي خاتمي لاءِ سيو سٽي منصوبو،  ڇوڪرين لاءِ راندين جا موقعا، ڪي الڪٽرڪ کي وڌيڪ 20 سالن لاءِ لائسنس جاري ڪرڻ خلاف عدالت ۾ وينداسين. ھن چيو ته ڪراچي جو عوام اسان تي اعتماد ڪري ۽ قومي توڙي صوڀائي جي 96 سيٽن تي جماعت اسلامي جو ساٿ ڏي ته اسين ڪراچي سميت سڄي سنڌ جي عوام جي خدمت ڪنداسين. اسانجي منشور جو نعرو آھي ته ڪراچي ترقي ڪندو ته پورو ملڪ ترقي ڪندو.