اسلام آباد (م ڊ) اوگرا هلندڙ مالي سال جي پهرين جولاءِ کان گئس جي سراسري اگهه ۾ 96 سيڪڙو واڌ بابت سوئي سدرن گئس ڪمپني (ايس ايس جي سي) جي درخواست تي عوامي ٻڌڻي مڪمل ڪري ڇڏي ۽ فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. سوئي سدرن جي درخواست ۾ گئس جو سراسري اگهه 692 رپيا 93 پئسن مان وڌائي 1360 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي.