سکر (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت ڪڻڪ ڪرپشن ريفرنس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو. فوڊ انسپيڪٽر سوڌو 2 ڄڻن  کي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي فوڊ انسپيڪٽر عبدالغفار ڪلوڙ ۽ عبدالرشيد ملڪ کي 7-7 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي. سزا آيل ٻنهي جوابدارن خلاف سال 2015 ۾ ڪڻڪ ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪيو ويو هو. سزا آيل فوڊ انسپيڪٽر عبدالغفار ڪلوڙ ساڍن چئن سالن کان جيل حوالي ٿيل آهي ۽ عبدالرشيد ملڪ ضمانت تي آزاد هو، فيصلي بعد ٻنهي جوابدارن کي عدالتي حڪم تي سکر جيل اماڻيو ويو.