سکر (بيورو رپورٽ) احتساب عدالت ڪڻڪ ڪرپشن ريفرنس ۾ پ پ اڳواڻ زبردست مهر ۽ ٻين کي بري ڪري ڇڏيو، خوراڪ کاتي سکر ۾ ڪڻڪ ڪرپشن ريفرنس جي احتساب عدالت نمبر ٽي جي جج ناصر الدين شاهه جي عدالت محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، وڪيل زبير چاچڙ مطابق عدالت خوراڪ کاتي ۾ ڪڻڪ ڪرپشن ريفرنس ۾ ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي پ پ اڳواڻ زبردست مهر سوڌو 5 ڄڻن کي بري ڪري ڇڏيو، نيب سال 2019 ۾ پ پ اڳواڻ زبردست مهر، سڪندر مهر، فلور مل مالڪ هريش مل، موهن لعل ۽ محمد ابراهيم ٿهيم خلاف 78 ڪروڙ روپين جو ريفرنس داخل ڪيو ويو هو.