ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪڻڪ چوري اسڪينڊل، لاڙڪاڻي جي وڌيڪ 9 فوڊ سپر وائيزرن کي ڪڻڪ چوري معاملي تي فائنل شوڪاز نوٽيس جاري، ان ڏس ۾ خوراڪ کاتي جي گدامن مان مختلف وقتن تي ڪڻڪ غائب ٿيڻ وارو اسڪينڊل ظاهر ٿيڻ بعد خوراڪ کاتي پاران لاڙڪاڻي ضلعي جي 9 فوڊ سپروائيزرن علي رضا بروهي، اعجاز مگسي، شريف ڀٽو، علي محمد سيال، ذوالفقار نوناري، اياز مشوري، صفدر کوکر، شهباز ميمڻ ۽ طفيل ڀٽو کي فائنل نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. انهي نوٽيس ۾ کين برطرفي جو به چتاءُ ڏنو ويو آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ خوراڪ کاتي پاران مختلف ضلعن جي 16 فوڊ سپر وائيزرن کي پڻ فائنل نوٽيس جاري ڪيا ويا هئا، جڏهن ته 2 ڄڻن برطرف ڪيو ويو هو.