وڳڻ(ن پ ا) وڳڻ ويجهو ڳوٺ خيرو جتوئي واسي آبادگار حاڪم علي شيخ ڪڻڪ جو مناسب اگهه نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، آبادگار جو چوڻ هو ته اسان جي ٻچن جو پيٽ گذر ڪڻڪ جي فصل تي آهي، پر سنڌ حڪومت ڪڻڪ جو اگھه مقرر نه ڪري اسان کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي،واپارين هڪ ھٽي قائم ڪري ڪڻڪ جو مڻ 2000 کان 2100 اگهه مقرر ڪيو آهي، اگهه مناسب نه ملڻ سبب فصل تي ڪيل خرچ به نه ٿو نڪري، هن مطالبو ڪيو ته ڪڻڪ جو مناسب اگهه ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ پاڻ کي باھه ڏئي خودڪشي ڪندس.