سکر/روهڙي(نمائندن وٽان) سنڌ حڪومت پاران سنڌ ۾ 15 لک آبادگارن/ھارين کي بينظير هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ واري پروگرام تحت  روھڙي ۾ سکر ۽ گھوٽڪي ضلعن جي ھارين ۾ ھاري ڪارڊ ورھائڻ واري تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ زراعت، سپلائي اينڊ پرائسز  واري صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مھر مھمان خاص طور شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي وزير زراعت سردار محمد بخش خان مهر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي سنڌ حڪومت ھارين کي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ بينظير هاري ڪارڊ جاري ڪيو آهي، سکر ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ 42000  ھاري رجسٽرڊ ڪيا ويا  آھن، جڏهن ته 32 ھزار جي تصديق پڻ ٿي چڪي آھي، جنھن ۾ 1000 ھارياڻيون پڻ شامل آھن، صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته بينظير هاري ڪارڊ گھڻ  مقصدن وارو اي ٽي ايم ڪارڊ آهي، جنهن تحت حڪومت پاران اعلان ڪيل هر قسم جي سبسڊي صرف هاري ڪارڊ جي ذريعي آبادگارن کي منتقل ڪئي ويندي، زرعي توسيع عملدارن وڏي محنت سان هن وقت تائين 3 لک 36 هزارآبادگارن/ھارين جو ڊيٽا گڏ ڪيو آهي، جن مان 2 لک 98 هزار ھاري ڪڻڪ سبسڊي پروگرام لاءِ اهل قرار ڏنا ويا آھن، آبادگارن ۾ ڪڻڪ  سبسڊي پروگرام جي مد ۾ 18 ارب رپيا رقم پڻ ورهائي وئي آهي.