ڪڻڪ جي خريداري کان انڪار ڇو؟

0
31
کورواهه ۾ ٿيل خونريزي ۽ دلپشوري کي حڪمراني سمجھندڙ منتظمين

حڪومت هر ڳالهه لاءِ آءِ ايم ايف جي شرطن واري رڪاوٽ ڄاڻائي ٿي. هاڻي ته زرعي جنسن، خاص طور تي ڪڻڪ جي خريداريءَ کان پڻ حڪومت انڪار ڪري چڪي آهي ۽ ان لاءِ پاسڪو جي ڪرياڪرم جو پڻ جواز ڄاڻايو پيو وڃي. آبادگارن جي تنظيم “ڪسان اتحاد پاڪستان” ڪڻڪ جي اگھ ۽ آبادگارن جي مسئلن تي وزيراعظم کي خط لکي ڪڻڪ جو اگھ 4 هزار 200 رپيا في مڻ مقرر ڪري فوري خريداري کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. لکيل خط ۾ چيو ويو آهي تہ گذريل سال حڪومت ڪڻڪ جو اگھ 3 هزار 900 رپيا في مڻ مقرر ڪيو هو پر ان اگهه تي خريداري نہ ڪئي وئي. جيڪڏهن حڪومت هن سال بہ ڪڻڪ خريد نہ ڪئي تہ ملڪ جي فوڊ سيڪيورٽي کي سخت خطرو هوندو. خط ۾ ياد ڏياريو ويو تہ پاڪستان اربين ڊالرن جي ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو متحمل ناهي، حڪومت پاران ڪڻڪ جي گهٽ اگھ ۽ امدادي قيمتن ۾ گهٽتائيءَ سبب ڪڻڪ جي پوکڻ واري سيزن کي متاثر ڪيو آهي، جنهن سبب ڪڻڪ جا آبادگار وڌيڪ منافعي وارين ڀاڄين ڏانهن رخ ڪري رهيا آهن. اها ساڳي صورتحال سنڌ ۾ پڻ آهي.

سنڌ، جيڪا زرعي لحاظ کان پاڪستان جي اهم ترين صوبن مان هڪ آهي، هر سال وڏي مقدار ۾ ڪڻڪ پيدا ڪري ٿي. هي فصل رڳو سنڌ جي ماڻهن جي خوراڪ جي ضرورت پوري ڪرڻ لاءِ نہ پر ملڪ جي مجموعي غذائي تحفظ لاءِ پڻ انتهائي اهميت رکي ٿو پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو تہ پاڪستان جي حڪومت جي ناقص پاليسين سبب هر سال فوڊ سيڪيورٽي جو مسئلو وڌي رهيو آهي، خاص طور تي سنڌ ۾، جتي هارين کي انهن جي محنت جو صحيح معاوضو نٿو ملي. سنڌ ۾ هر سال گھڻي مقدار ۾ ڪڻڪ پيدا ٿيندي آهي، جيڪا مقامي ماڻهن کان علاوه ٻين صوبن لاءِ پڻ وڏي اهميت رکي ٿي. پر افسوس، حڪومت جي ناقص پاليسين سبب آبادگارن کي سڌو سنئون فائدو نٿو ملي. حڪومت جو اهو فرض آهي تہ اھا آبادگارن کان سڌي ريت ڪڻڪ خريد ڪري تہ جيئن انهن کي بهتر اگھ ملي سگهي، پر ان جي بدران سرڪاري پاليسيون اهڙيون آهن، جيڪي مڊل مين کي وڌيڪ طاقتور ڪري رهيون آهن.

هن وقت سنڌ جي مارڪيٽن ۾ مڊل مين وڏي طاقت رکي ٿو. اهي آبادگارن کان سستي اگھ تي ڪڻڪ خريد ڪري، پوءِ اها مهانگي اگھ تي حڪومت يا عام واهپي جي مارڪيٽن ۾ وڪرو ڪن ٿا. ان جي نتيجي ۾، آبادگار غربت ۽ معاشي بدحالي جو شڪار ٿي وڃن ٿا، جڏهن تہ ماڻھن کي پڻ مهانگي ڪڻڪ خريد ڪرڻي پوي ٿي. اهو هڪ اهم سوال آهي تہ آخر حڪومت ڇو اهڙيون پاليسيون جوڙي رهي آهي، جيڪي فوڊ سيڪيورٽي جي مسئلي کي جنم ڏئي رھيون آھن.  حقيقت اھا آھي تہ، سنڌ جي زراعت بابت لاڳاپيل ادارا ڪمزور آهن ۽ بروقت پاليسيون لاڳو نٿا ڪن. ڪجھ سرڪاري اهلڪار ۽ سياستدان مڊل مين سان ملي ڀڳت رکن ٿا، جنهن ڪري اصل آبادگار تائين فائدو نٿو پهچي. حڪومت ڪڏهن ڪڏهن گودامن ۾ ڪڻڪ کي ضايع ڪري، يا ان کي مارڪيٽ ۾ صحيح نموني نٿي آڻي، جنهن سبب غذائي بحران پيدا ٿئي ٿو. دراصل پاليسي ساز ادارن ۾ اهڙي نااهلي موجود آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وقت سر درست فيصلا نٿا ڪيا وڃن.

حڪومت جيڪڏهن واقعي ئي سنڌ ۽ پاڪستان جي خوراڪ جي صورتحال  کي بهتر بڻائڻ چاهي ٿي تہ، حڪومت لاءِ لازمي آهي تہ اھا مڊل مين جي اجاراداري ختم ڪري ۽ سڌي ريت آبادگارن کان ڪڻڪ خريد ڪري تہ جيئن انهن کي صحيح اگھ ملي. ڪڻڪ جي خريداري ۽ وڪري جو شفاف نظام ٺاهڻ گهرجي تہ جيئن ڪو بہ غيرقانوني منافعي خوري نہ ڪري سگهي. حڪومت کي مارڪيٽ تي مضبوط نظر رکڻي پوندي تہ جيئن ڪو بہ غيرقانوني ذخيرہ اندوزي نہ ڪري. جڏھن تہ زراعت لاءِ پاليسين کي جديد طريقي سان ٺاهڻ گهرجي، تہ جيئن آبادگارن کي گهڻا فائدا ملي سگهن. ان کانسواءِ آبادگارن کي ڀاڻ، ٻج ۽ پاڻيءَ تي سبسڊي ڏني وڃي تہ جيئن پيداوار ۾ واڌارو اچي. حڪومت جون پاليسيون مڊل مين لاءِ وڌيڪ فائدي واريون ثابت ٿي رهيون آهن.