ٽنڊوباگو: ٽنڊوباگو شھر ۾ سرڪاري اٽي جو ضلعي انتظاميا پاران اسٽال نه لڳائڻ ڪري غريب طبقي جا ماڻهو مهانگي اگهه تي اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، ٽنڊوباگو ۾ دڪاندار ڪڻڪ جو اٽو 150 رپيا في ڪلو وڪرو ڪري رهيا آهن. جڏهن اڇن چانورن جو اٽو 120 رپيا في ڪلو، ڳاڙهن چانورن جو اٽو 140 رپيا في ڪلو ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ٽنڊوباگو جي يوٽيليٽي اسٽور تي ٻي روزي تي 10 ڪلو ڪڻڪ جي اٽي جون صرف 50 ٿيلهيون آيون، جيڪي پڻ بي آئي ايس پي ڪارڊ هولڊر ماڻهن کي ڏنيون ويون. جيڪو اٽو پڻ کائڻ جي لائق ناهي. ٽنڊوباگو جي غريب ماڻهن جو چوڻ آهي ته ٽنڊوباگو ۾ يوٽيليٽي اسٽور تي صرف بينظير انڪم سپورٽ ۾ رجسٽرڊ ماڻهن کي سستي اگهه تي سامان ڏنو وڃي ٿو، باقي عوام مهنگي اگه تي سامان وٺڻ تي مجبور آهي.