ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ جي دادو، ڄامشورو، حيدرآباد، ٽنڊو الهيار، ملير ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪڻڪ جي خريداري ۽ جاري ڪرڻ ۾ ڪروڙن جي ڪرپشن ۽ گدامن مان لکين ٻوريون غائب ٿيڻ واري معاملي جي جاچ تيز، خوراڪ کاتي جو ڊائريڪٽر رڪارڊ سميت طلب، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب سنڌ جي خوراڪ واري کاتي ۾ ڪڻڪ جي خريداري ۽ ڪڻڪ جاري ڪرڻ ۾ ڪرپشن ۽ گدامن مان ڪڻڪ جون لکين ٻوريون غائب ٿيڻ واري معاملي جي نيب جي ڪمبائينڊ انويسٽيگيشن ٽيم جاچ ڪري رهي آهي. انڪوائري آفيسر طرفان خوراڪ کاتي جي ڊائريڪٽر کي نوٽيس جاري ڪري تفصيل طلب ڪيا آهن. نيب نوٽيس ۾ ڄاڻايو آهي ته دادو، ڄامشوري، حيدرآباد ۽ ٽنڊي الهيار ضلعن ۾ ڪيتري ڪڻڪ خريد ڪئي وئي؟ انهي جا تفصيل ۽ ثبوت پيش ڪيا وڃن. نوٽيسن ۾ ڄاڻايو ويو ته حيدرآباد، ٻولهاڙي ۽ ملير جي گدامن مان ڪيتري ڪڻڪ جاري ڪئي وئي؟ اهي تفصيل به ڏنا وڃن. نيب ذريعن موجب ڪڻڪ جي خريداري ۽ ڪڻڪ جاري ڪرڻ ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن ڪئي وئي، گڏوگڏ گدامن مان ڪڻڪ جون لکين ٻوريون غائب ڪري قومي ناڻي کي ڪروڙين رپين جو نقصان پهچايو ويو. ٻئي طرف نيب خوراڪ کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر کي نوٽيس اماڻي هدايت ڪئي آهي ته اوهان جي حدن ۾ ڪم ڪندڙ سمورن ڊسٽرڪٽ فوڊ ڪنٽرولرن کي رڪارڊ سميت نيب آفيس اماڻيو وڃي ته جيئن سندن بيان رڪارڊ ڪري سگھجن. نيب نوٽيس ۾ ڄاڻايو ته ڪهڙين فلور ملز ۽ اٽي جي چڪين کي هر مهيني ڪيتريون ٻوريون رليز ڪيون ويون آهن؟ هر فلور مل ۽ هر اٽي جي چڪي جو الڳ الڳ پروفارما ٺاهي پيش ڪيو وڃي. نيب ذريعن موجب ملير جي گدامن ۾ بجلي بلن جي مد ۾ به ڪرپشن ڪئي وئي آهي