اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪڻڪ اسڪينڊل بابت جاچ ڪاميٽي طرفان وزيراعظم شهباز شريف کي پيش ڪئي ويندڙ رپورٽ تيار نه ٿي سگهي، وزيراعظم جاچ جو حڪم ڏيندي رپورٽ گهرائي هئي. ذريعن موجب اڃان تائين ڪميٽي ڪنهن به موجوده يا اڳوڻي حڪومتي سياسي شخصيت کي ناهي گهرايو، امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ڪميٽي سياسي شخصيتن کان به جاچ جو مطالبو يا تجويز ڏئي سگهي ٿي. هوڏانهن ان معاملي تي اهم انڪشاف سامهون آيا آهن ۽ ڏهاڙي جي بنياد تي اڳڀرائي ٿي رهي آهي، هوڏانهن ڪڻڪ امپورٽ جي معاملي تي پنجاب حڪومت جي نااهلي پڻ سامهون آئي آهي.