ڪڪڙ(ن پ ا) ڪڪڙ ۾ 12 مھينا اڳ مبينا ڇيلي چوري جي الزام ھيٺ ڀائٽن ھٿان مارجي ويل مقتول چاچي ڪمال خان بوزدار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڳوٺ الله بخش بوزدار جي رهواسي عورتن مردن جاويد بوزدار، محمد يامين، مسمات رشيده، مسمات ريشمان، مسمات نوربانو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو. مسمات رشيده بوزدار ۽ جاويد بوزدار چيو ته 12 مھينا اڳ مڙس ڪمال بوزدار جو ڇيلي چوري جو سندس ڀائٽين جبار بوزدار ڌر مٿان ڏوه ثابت ٿيڻ ۽ ڏنڊ جي رقم ڀري ڏيڻ کانپوء جوابدار اسان مٿان ڏمرجي پيا، جوابدارن ڀائٽين جبار  غلام نبي ۽ حاڪم سميت ٻين پنھنجي چاچي ڪمال خان بوزدار کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو ڪڪڙ ٿاڻي تي مٿين جوابدارن ڀائٽين مٿان قتل ڪيس داخل ڪيو ويو قتل ڪيس کي 12 مھينا گذري چڪا آھن پر  قاتل بااثر جوابدار ڪڪڙ پوليس کان آجا آھن، جوابدار ڌر طرفان ڪيس تان ھٿ کڻن لاءِ اسڪول پڙھندڙ شاگرد پٽ کي اغوا ڪري مارڻ  جون ڌمڪيون ڏئي حراسان ڪيو پيو وڃي.  ڊي آء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي آفيس دادو سميت مختلف آفيسرن جا چڪر ڪاٽي ٿڪجي پيا آھيون پر انصاف فراھم نه ٿي سگھيو آھي . وس وارن کان مطالبو آهي ته ڪمال خان بوزدار جي قاتلن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.