ڪڪڙ ۾ وياج جي پيسن تان جھيڙو، گوليون لڳڻ ڪري هڪ ڄڻو قتل، 2 واٽهڙو زخمي

0
14
ڪڪڙ ۾ وياج جي پيسن تان جھيڙو، گوليون لڳڻ ڪري هڪ ڄڻو قتل، 2 واٽهڙو زخمي
ڪڪڙ ۾ وياج جي پيسن تان جھيڙو، گوليون لڳڻ ڪري هڪ ڄڻو قتل، 2 واٽهڙو زخمي

ڪڪڙ(ن پ ا) ڪڪڙ ۾ وياج جي پيسن تان جھيڙي دوران گوليون لڳڻ ڪري هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، جڏهن ته  2 واٽهڙو زخمي ٿي پيا. ان ڏس ۾ جنجھه ۽ جمالي برادرين وچ ۾ جهيڙو ٿي پيو. 50 کان 60 هٿياربند واپاري مختيار جنجھه جي دڪان تي حملو ڪري هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. شديد فائرنگ سبب هڪ ڄڻو نوجوان حاجي معشوق جنجھه ٿڏي تي ئي مارجي ويو، جڏهن ته 2 واٽھڙو نوجوانن بلاول سمون رياض ڪولاچي سميت گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيا، جن کي زخمي حالت ۾ ڪي اين شاه اسپتال منتقل ڪيو ويو. هوڏانهن مارجي ويل معشوق جنجھ جو لاش جي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ته وارثن مختيار علي جنجھه، اصغر علي، شفيع محمد، منٺار علي، منظور علي، نظام الدين سميت ٻين سوين جنجھه برادري جي ماڻهن انڊس ھاءِ وي روڊ تي شاميانا هڻين مقتول جو لاش رکي انڊس ھاءِ وي روڊ کي بلاڪ ڪري ڌرڻو هڻي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سخت احتجاج ڪيو ويو. هوڏانهن 5 ڪلاڪ مسلسل ڌرڻي سبب لاڙڪاڻو وايا ڪراچي ويندڙ مسافر گاڏين جون قطارون لڳي ويون ان موقعي تي اناج جي واپاري مختيار جنجھ چيو ته غلام مصطفي جمالي کان اسان جي برادري جي نوجوان رياض علي ۽ امداد جنجھه وياج تي 50 ھزار رقم ورتي بدلي بعد اسين 3 لک ڏئي چڪا آھيون، پر اڃا چئي ٿو ته وڌيڪ پئسا ڏيو وياج جي رقم نه ڏيڻ تان جمالي برادري جي غلام مصطفي جمالي امان الله محمد بچل الطاف، ممتاز، آندل، شمن جمالي، ڪرم خان جمالي سميت 40 کان وڌيڪ ھٿياربندن وچ شھر ۾ دڪان تي حملو ڪري منھنجي سوٽ حاجي معشوق جنجھه کي بي گناهه گوليون ھڻي قتل ڪيو ۽ ٻن واٽھڙو شھرين کي زخمي ڪري فائرنگ ڪندا هليا ويا.  پوليس جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيارئي ناھي. اسين جوابدار جي گرفتاري ۽ ڪيس داخل ڪرڻ تائين احتجاج ۽ ڌرڻو جاري رکنداسين تيسيتائين جوابدار گرفتار نه ٿيندا. بعد ۾ مقتول معشوق جنجھ جي قتل جو ڪيس 13 ڄاتل ۽ 4 اڻ ڄاتل جوابدارن سميت 17 ڄڻن مٿان داخل ڪيو ويو آھي.  ڪڪڙ ٿاڻي تي مقتول معشوق جنجھه جي سوٽ مختيارجنجھه جي فرياد تي جمالي برادري جي  13 ڄاتل جوابدارن  ۾  غلام مصطفي جمالي  امان الله جمالي محمد بچل جمالي الطاف جمالي ممتاز آندل ڪرم خان جمالي  وزير جمالي زبير جمالي پرويز جمالي رسول بخش جمالي لطيف سميت ٻيا شامل آھن، ھوڏانھن مظاھرين جو 5 ڪلاڪن تائين لڳل ڌرڻي وٽ ڪي اين شاهه ڊي ايس پي سرفراز منگي ۽ ايس ايچ او ڪڪڙ مظاھرين وٽ پھچي ٽن ڏينھن تائين قتل ڪيس ۾ سمورا جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري بعد  ڌرڻو ختم ڪيو ويو آھي.