ڪڪڙ (ن پ ا) ڪڪڙ ۾ ڪرياني جي ھول سيلز جي نالي واري واپاري حافظ عبدالجبار قريشي کان ڀتاخورن پاران 50 لک ڀتو گھرڻ ۽ سندس خاندان کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪيون ڏيڻ جو ھڪ  سڃاتل ۽ 3 اڻ ڄاتل سميت 4 جوابدارن مٿان دھشتگري ايڪٽ تحت ڪڪڙ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. ان دوران ڪڪڙ  پوليس ڪاروائي ڪندي واپاري کان ڀتو گھرندڙ مک جوابدار ڪي اين شاھ واسي صدام آرائين کي گرفتار ڪري ورتو آھي ۽ جنھن سبب واپارين ۾ خوشي جي لھر ڇائنجي وئي ان دوران فريادي  واپاري حافظ عبدالجبار قريشي ڄاڻايل ڪيس جي متن ۾ چيو آھي ت ڪڪڙ ۾ ڪرياني جي ھول سيلز مين روڊ تي منھنجو دڪان آھي جن تي ڀتاخورن نالي صدام آرائين ۽ 3 اڻ ڄاتل سميت 4 ڄڻن جوابدارن ھٿيارن سان دڪان تي اچي مون کان زبردستي طور 50 لک ڀتو طلب ڪيو ۽ ھٿيار مٿان تاڻي ورتا  ڀتو ن ڏيڻ انڪار ڪرڻ جي  صورت ۾ مون سميت خاندان کي ڀتاخورن قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي فرار ٿي ويا جنھن ڪري شھر جي واپارين توڙي علائقي ۾ خوف حراس ڇائنجي ويو ھو ھوڏانھن ڪڪڙ پوليس ڪاروائي ڪندي واپاري کان ڀتو وصول ڪندڙ صدام آرائين کي گرفتار ڪري ورتو آھي ڀتو وصول ڪندڙ ڀتاخور جي گرفتاري کانپوء ڪڪڙ جي واپارين ۽ شھرين ۾ خوشي جي لھر ڇائنجي وئي آھي ۽ سڃاڻ ڌرين پاران ايس ايس پي دادو توڙي ايس ايڇ او ڪڪڙ جي ڀرپور آجيان ڪئي آھي.