ڪڪڙ (ن پ ا) ڪڪڙ ۾ ملڪ جو ناميارو ديني عالم مفتي اعظم غلام محمد جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو آهي. ڳوٺ پريو جوڻيجو واسي پاڪستان جي نالي واري مشھور ديني عالم مفتي اعظم، استاد الحديث طور سڄاتل مذھبي اڳواڻ  مفتي غلام محمد جوڻيجو 95 ورھين جي عمر ۾ دم ڏنو. سندس لاڏاڻي خبر تي علائقي ۾ ڏک جي لھر ڇائنجي وئي ۽ سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو. سندس جنازي نماز اباڻي ڳوٺ ۾ ادا ڪرڻ بعد ڳوٺ چوکنڊي جي مقامي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويو.  مرحوم جي مڙهه مٿان شاگرد توڙي علائقي جي ماڻھن اوڇنگارون ڏيندا رھيا. مرحوم جي نماز جنازه مولانا مفتي جان محمد راڄپر پڙھائي جهن ۾ مختلف سياسي سماجي ، وارثن،  مذھبي اڳواڻن استادن  شاگردن  ڳوٺاڻن  صحافين سميت ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي. مرحوم غلام محمد جوڻيجو 2 شاديون ڪيون ٻئي زالون  وفات ڪري چڪيون آھن. کيس 7نياڻين ۽ 5 پٽن سميت 12 ٻارڙن جو اولاد ھو. مرحوم جي يوآء سان لاڳاپيل ۽ سياست کان بيزار ھو .