ڪڪڙ (ن پ ا) ڪڪڙ ۾ تعلقي ڪي اين شاھ اندر وڌندڙ بدامني خلاف ڳوٺاڻن پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،  احتجاج ڪندڙن مختيار علي، سخاوت علي، عاشق علي، نديم، معشوق، ساجد علي  ۽ ٻين جو چوڻ هو ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي آهي، پوليس جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگهي آهي، ڦرلٽ واري واقعن جي پوليس رپورٽ به داخل ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري علائقي ۾ امن امان قائم ڪرايو وڃي.