ڪڪڙ (ن پ ا) ڪڪڙ لڳ ڳوٺ ڪريم بخش جنجھه ۾ ڏير سڌير جنجھه ولد قاسم پاران گهر ۾ پستل جي فائرنگ ڪري 25 ورھين جي ڀاڄائي مسمات سِبياڻي زال وزير جنجه کي سخت زخمي ڪري فرار ٿي ويو. وارثن پاران زخمي عورت کي دادو اسپتال نيو پئي ويو ته هو زخمن جا سور نه سھندي رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي. ڪڪڙ پوليس واقعي کان اڻ ڄاڻ ھئڻ ڪري نه پهتي. وارثن پنهنجي مدد پاڻ تحت عورت جو لاش دادو سول اسپتال آندو ويو، جتي علاج جو ليٽر نه هئڻ ڪري اسپتال انتظاميا عورت جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن بعد عورت جو مڙھه واپس ڪڪڙ ٿاڻي تي آندو ويو، جتي علاج جو ليٽر وٺي خيرپورناٿن شاھه اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد مڙس حوالي ڪيو ويو. مقتولا عورت جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو فوتي عورت کي ھڪ نياڻي جو اولاد ھو رابطي ڪرڻ تي فوتي عورت جي ڀاءَ ضمير علي جنجھه ولد دين محمد چيو آھي ته منھنجي سوٽ سڌير علي ولد محمد قاسم گھرو اڻبڻت تان پستول جا فائر ڪري بي گناهه ڀيڻ کي قتل ڪري وڏو ظلم ناحق ڪيو آھي. مقتولا ڀيڻ ۽ جوابدار پاڻ ۾ سڳا سوٽ آھن. ھوڏانھن معلوم ٿيو آھي ته مقتولا جو مڙس وزير علي جنجھه تازو سعودي مان ڪمائڻ کانپوءِ ڪجھ ڏينھن اڳ واپس ڪڪڙ گھر آيو ھو. مقتولا کي ھڪ نياڻي جو اولاد ھو. ڪڪڙ پوليس موجب مقتولا جا وارث ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ اڃا تائين ٿاڻي تي نه پھتا آھن، مقتوله جا وارث جيئن آيا ته اسين ڪيس داخل ڪنداسين.