ڪڪڙ (ن پ ا)  ڪڪڙ لڳ رڪڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام محمد ٻٻر ۾ پلاٽ جي مسئلي تان محمد اسماعيل ٻٻر ۽ نورحسين جوڻيجو جي ڌرين وچم جھيڙو ٿي پيو. ٻنهي ڌرين پاران ڪھاڙين ۽ ڏنڊن جي استعمال سبب ھڪ عورت سميت 10 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين ۾ علي اصغر  ٻٻر، صداقت، اظھر ، اسلم، سرفراز، يوسف ۽ مسمات شمشاد بيگم ٻٻر  ۽ ساجد جوڻيجو ۽ نواب جوڻيجو شامل آھن. سمورن زخمين کي رڪڻ پوليس علاج لاءِ ليٽر ڏئي دادو اسپتال منتقل ڪيا ويا ٻي طرف ڪپڙي جي دڪاندار محمد اسماعيل ٻٻر چيو ته منھنجي گھر ٻاھران منھنجي خالي پلاٽ گذريل ڪيترن سالن کان پيل آھي جن تي بااثر نورحسين جوڻيجو زبردستي طور قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي. منع ڪرڻ تي ڪالھه منھنجي گھر تي بنا جواز حملو ڪري چاڌر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي 8 ڄڻن کان وڌيڪ کي رتورت ڪري زخمي ڪيو ويو آهي جنھن ۾ منھنجي ڀيڻ ڀائر ڀائٽيا ۽ ٻيا عزيز شامل آھن، جيڪا مون سان سراسر ناانصافي ۽ زيادتي آهي رڪڻ پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ لاءِ تيارئي ناھي کيس انصاف فراھم ڪيو وڃي ٻي طرف رابطي ڪرڻ تي نورحسين جوڻيجو گهر تي حملي جي الزامن کي رد ڪندي چيو ته ڪجه ٽائيم اڳ علائقي جي معزز ماڻھن ۽ واپارين جي مداخلت دوران اسماعيل ٻٻر پلاٽ جي دعويٰ ختم ڪري پلاٽ اسان کي ڏنو ھو ھاڻي پلاٽ ڏيڻ لاء تيار ناھي  پلاٽ جي مسئلي تان ڌرين ۾ جھيڙو ٿيو آھي پلاٽ منھنجو آھي مان فيصلو ڏيڻ لاء تيار آھيان ھوڏانھن ڌرين ۾ جھيڙو ٿيڻ کانپوءعلائقي ۾ ڇڪتان تيز ٿي وئي آھي رڪڻ پوليس ڪوبه تحرڪ نه ورتو آھي.