ڪڪڙ (ن پ ا)خانپور جوڻيجو ۾ مبينا آپگھات ڪندڙ مسمات نرما شاھي جي قبر ڪشائي ڪرائي سندس  پوسٽ مارٽم لاءِ جزا ورتا ويا. مقتولا جي ڀاءُ جاويد شاھي جي درخواست تي سيڪنڊ سول جج ڪي اين شاھ ، محمد رمضان گوپانگ جي نگراني ۾ قبر ڪشائي پرياڻي قبرستان خانپور ۾ ڪرائي وئي. پوسٽ مارٽم بعد  سندن جزا ورتا ويا قبر ڪشائي دوران لمس ڄامشورو ۽ حيدرآباد ڊاڪٽر بورڊ جي ٽيم موجود ھئي  وومين ميڊيڪل آفيسر ڪي اين شاهه جي صنم شاهه پاران مقتول  ناري جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد سندس جزا ورتا ويا قبر ڪشائي دوران ڊاڪٽر سيد قربان علي شاهه ڊاڪٽر وحيد علي ناھيون ڊاڪٽر محمد علي قريشي ڊاڪٽر عبدالعزيز شيخ  شامل ھئا ڏيڍ مھينو اڳ ناري نرما زال فھد متاڻي مبينا طور آپگھات ڪيو ويو ھيو جتي ناري وارثن پاران مڙس فھد متاڻي سھري محمد خان ڀيڻ مٿان قتل جو الزام ھنيو جن گڏجي نرما شاھي کي سندس مڙس فھد متاڻي ۽ سھرو محمد خان ۽ سندس ڀيڻ گڏجي قتل ڪيو ويو ھو جنھن جو سيشن جج دادو واقعي جو نوٽيس بعد سندن مٿان ڪڪڙ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. مقتولا ڏيڍ سال اڳ فھد متاڻي سان پسند جي شادي ڪئي هئي، جنھن مان کيس پٽ جو اولاد آھي. ڊاڪٽر بورڊ ٽيم جو چوڻ آھي ته ھفتي اندر پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچي ويندي.