ڪڪڙ(ن پ ا) ڪڪڙ ويجهو ڳوٺ کاٽ لشڪر وٽ هڪ ڀيرو ٻيهر نامعلوم چور يارهن ھزار وولٽيج پاور مان پنج پولن جون بجلي جون تارون آساني سان لاهي چوري ڪري کڻي فرار ٿي ويا،ياد رهي ته 3 ڏينهن اڳ به ساڳي هنڌان چورن 3 پولن مان تارون چوري ڪيون ويون ھيون، تارن جي چوري ٿيڻ رڪجي نه سگهيون آهن نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ آندي وئي آهي، بجلي جي تارن جي چوري سبب ڪڪڙ ڪيڊٽ ڪاليج  سميت درمحمد ابڙو، پير جڳشينھن، محمد پريل قمبراڻي، الله بخش نائچ، ٿرڙي جادو شهيد، مريد ٻٻر، الا بخش شاھي سميت 40 کان وڌيڪ علائقا بجلي کان محروم بڻيل آھن.