ڪڪڙ( ن پ ا) ڪڪڙ لڳ پيارو ۽ راھوجا شاخن سميت مختلف شاخن ۾ گذريل 4 مھينن کان زرعي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف سوين  آبادگارن پاران ماجد علي ٽڳو الياس آرائين مظھر حسين آرائين سڄڻ چانڊيو غلام رسول ٽڳو مرتضي آرائين مجيد چانڊيو وحيد ڀرڳڙي جي اڳواڻي ۾ سڪل فصل کڻي انڊس هاء وي روڊ چودڳي اسٽاپ وٽ شاميانا ھڻي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي روڊ  بلاڪ ٿي ويو، ڌرڻي دوران گاڏين جون قطارون لڳي ويون سخت گرمي سبڀ مسافر سخت پريشاني ۾ منھن ڏسڻو پئجي رھيو ڌرڻي دوران زبردستي روڊ کولڻ لاء مظاھرين ۽ مسافرن وچ ۾ چڪريون ٿي پيون ڌرڻي دوران آبادگار پاڻي ناھي ڇو بلا ڪربلا ڪربلا نااھل آبپاشي عملدارن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته پيارو ۽ راهوجا شاخ سميت مختلف شاخن اندر  مسلسل گذريل 4 مهينن کان زرعي پاڻي جي ھٿرادو  کوٽ آهي جنهن سبب  3 لک ايڪڙن تي بيٺل ڪمند ۽ سارين جو فصل سڪي ۽ سڙي رهيو آهي جنهن جي ڪري آبادگار جو اربين روپين جو نقصان ٿيو آھي ۽ انھي سان گڏوگڏ زرعي زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن شاخن ۾ واري اڏامي رھي آھي مال توڙي پيئڻ لاء پاڻي ناھي مسلسل احتجاج ڪرڻ باوجود آبپاشي عملدارن جي ڪن تي جوء به نٿي چري هنن وڌيڪ الزام ھڻندي چيو ته آبپاشي عمدار پاران بااثر من پسند ڌرين  کي پئسن عيوض ۽ غير قانوني لفٽ مشن زرعي طور پاڻي چوري ڪري انھن کي ڏنو وڃي ٿو جيڪو اسان جي حقن تي ڌاڙو آھي شاخن ۾ پاڻي جي کوٽ سبب اسان جي سارين جو فصل متاثر ٿيو آھي پر هاڻي جهڙي شاخن ۾ صورتحال آهي ته ڪڻڪ جو فصل به نه ٿي سگهندو اسان جو گذر سفر زراعت تي آھي شاخن ۾ پاڻي نه پھچڻ آبادگارن سان سراسر ظلم ۽ زيادتي آهي سنڌ سرڪار سميت آبپاشي وزير ۽ ٻين اعلي عملدارن کان مطالبو ڪندي چيو ته پيارو راهوجا شاخن ۾ پاڻي ڏئي  هٿرادو کوٽ ختم ڪري آبادگارن مان بيچي ختم ڪئي وڃي جيئن هو پنهنجي ٻچن جو پيٽ پالي سگهن.