اسلام آباد (م ڊ) وڪيل سلمان صفدر چيو آهي ته چيئرمين پي ٽي آءِ کي ڪڏهن ڪڏهن چڪن جو ڇٽو ٻوڙ ملندو آهي، قيد جي پهرين 7ڏينهن کان دال ماني ڏني وئي، پر کيس کاڌي جو ڪو به مسئلو ناهي، ڪمري ۾ وينٽي ليشن ناهي، صرف واش روم جي ديوار ٻه فوٽ مٿي ڪئي وئي، وڪيل افتخار احمد چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جيل ۾ ايڊجسٽ ٿي چڪو آهي ۽ عمران جو چوڻ آهي ته پورو پاڪستان جيل بڻجي چڪو آهي، ٻاهرين جيل بدران اندر جيل ۾ رهڻ وڌيڪ پسند ڪندس، هن چيو ته عمران وٽ جيترا به ڪتاب هئا اهي پڙهي چڪو آهي، سندس حوصلا بلند آهن، حقيقي آزادي جي عزم تي قائم آهي،