لنڊن(انٽريسٽنگ نيوز) برطانوي ڳوٺ نيو ٽوپٽن جي رهائشي ڊيرڪ باور کي پنهنجي ڪڪڙ ۽ سستي سبب 3 هزار پائونڊ (11.71 لک رپين) جو ڏنڊ لڳي ويو، سندس پاڙيسرين شڪايت ڪئي هئي ته ڪڪڙ صبح سوير هڪ ٻئي مٿان ٻانگون ڏيندو آهي، اهو سمهي ناهن سگهندا ۽ تمام گهڻو تنگ آهن، مقامي حڪومت گهر جي ويجهو آواز رڪارڊ ڪندڙ اوزار لڳايو ته انڪشاف ٿيو ڪڪڙ صبح جو رڳو 50 منٽن ۾ 80 ٻانگون ڏيندو آهي، جيڪو غير فطري هو، مقامي حڪومت ڊيرڪ کي نوٽيس موڪليو ته ڪڪڙ جو حل ڪڍي، ڊيرڪ پر نوٽيسن تي لاپرواهي ڪندو رهيو ۽ ڪڪڙ پاڙيسرين کي تنگ ڪري ڇڏيو، نيٺ حڪومت ڪيس ميجسٽريٽ کي اماڻيو، جنهن ڊيرڪ تي وڏو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو.