ڪڪوريل نيڻن جو ڪوي!

0
16
ڪڪوريل نيڻن جو ڪوي!

امر رائيسنگھ راجپوت ڪڪوريل نيڻن جو ڪوي آهي، جنهن جي ڪويتا سامروٽي جي واريءَ مان ائين ڦُٽي آهي، جيئن مور جي بدن مان خوبصورت ٽڪليون ڦُٽي نڪرنديون آهن. امر جي شاعري راسوڙن تي رقص ڪندڙ ٿري وينگس جي ان ڪيفيت جي ترجماني آهي، جنهن ڪيفيت ۾ وجودن جي بقا سمايل هوندي آهي. امر جي شاعري مِٽيءَ جي مُشڪ ۽ هوائن جي هڳاءُ مٿان ڀنڀوري جو رقص آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قيد نٿو ڪري سگهجي. امر جي شاعري ڏورو ڳائيندڙ ٿاريلين کان وڇڙي ويل ڪونج جو ڏُنجھ ۾ ڀريل ڏُسڪو آهي. امر رائيسنگھ پنهنجي ڪويتا کي خوبصورت بڻائڻ ۽ پاڻ وڻائڻ لاءِ عالمي لسانيات جي لغتن مان ڏکيا لفظ، ڌاريون ترڪيبون، عالمي استعارا ۽ دفتري ٻولين جون تشبيهون نه کنيون پر امر رائيسنگھ کيھ ڀُڪلين کڙين جو پگهر، سونيلي جي ڦلن جي پِيلاڻ، روهيڙي جي گلن جي لالاڻ، ٺينڪلي جي تازگي، کرٽي جي کٽاڻ ۽ ٿر جي گلن ڦلن ۽ ولين سان گڏ ويڙهيچن جو واس ورتو ۽ پنهنجي ديس جي درد، پيڙا سان گڏ اونهارا ۽ وسڪارا لکيائين. امر جي شاعري لوئي جي لاکَ ۽ سُونهن جي ساکَ آهي، ۽ پنهنجي شاعريءَ ۾ ان لکيو آهي:

نم جي هيٺيان نوءَ کُڻي ۾،

تو جو مونکي هارايو هو!

هار اُنهي ۾ حُب وڏي هئي،

اهڙي هڪڙي هار ڏيئي وڃ،

مونکي پهريون پيار ڏيئي وڃ!!

۽ ان لکيو آهي ته:

بُکن ۽ ڏُکن ۾ به ڀوڳي سگهي ٿي،

مگر ڏُور توکان نه دلڙي ڪَٽي ٿي،

رڳو نانءُ تنُهنجو سڄو ڏينهن رَٽي ٿي،

پکين جي اکين مان نياپا جَهٽي ٿي،

چري دل چوڻ ۾ اچي ئي ڪٿي ٿي؟

۽ ان لکيو آهي:

رُخصتي جي ٽاڻي روئندي،

ڏنجھ ۾ ڏُسڪي ڏورو ٻُڌجانءَ،

صادق کي ڀي ٿورو ٻُڌجانءَ،

پوءَ تون چئجانءَ ٿر ۾ ڇاهي؟

 ٿر ۾ هڪڙو جيون آھي!

اهي امر رائيسنگھ راجپوت جي انهن نظمن جا بند آهن، جن ۾ ساھ ڀريل آهي، هڪ ڪيفيت سمايل آهي، جنهن کي محسوس ڪري سگهجي ٿو. هُو هار ۾ جيت لکندڙ شاعر آهي. امر شاعر آهي نوخيز نگاهن جو، امر شاعر آهي نوجوان نگاهن جو ۽ امر شاعر آهي نيڻن جي  امرتا جو، امر نظم لکندي لکندي لفظن کي رقص ڪرائڻ جو فن به ڄاڻي ٿو ۽ لفظن کي روئڻ ۽ کلڻ به سيکاري ٿو. هُو لفظن منجھ آرس موڙڻ جي ڪلا سمائي سگهي ٿو ۽ سياري جي سرد رات ۾ آڌي پاڇڙ جو اُٿيل درد بيان ڪري سگهي ٿو. امر رائيسنگھ جا نظم آرس موڙيل انگ جي ٻولي ڳالهائيندا آهن ۽ لڙڪ هاڻين اکين کي ڪجل جي چُوڻ چُڳائيندا آهن. اچو ته امر جي پينٽ ٿيل نظمن جي صورت ۾ قهر جا چِٽيل اسڪيچ پڙهون، جن ۾ هڪ جيئري جاڳندي ڪيفيت سمايل آهي، جن ۾ ساھ ڦُوڪيل آهن ۽ جيڪي نظم ڦٿڪي سگهن ٿا، چرپر ڪري سگهن ٿا، محسوس ڪري سگهن ٿا ۽ اڪيلائي جي پهرن ۾ لُڇي سگهن ٿا. انڪري ئي هُن لکيو آهي ته، “شاعر جُون اَکيون شاعريءَ ۾ ۽ محبُوب جُون اَکيون ساحريءَ ۾ ڳالهائينديُون آھن.” هڪڙو مارواڙي نظم آهي، جنهن جو عنوان آهي “ناري”، ان ۾ لکي ٿو:

ساجن بِڇڙي سوگ مناوي،

پلڪ نه جهپڪي نيند ڀگاوي،

ڌوٻو هيڪو ڌان نه کاوي،

رو رو راتا نيڻ ڇُپاوي،

گڙتي مانجهم رات بِتاوي،

دُک ۾ دانت چَٻاوي ناري،

ايوا رنگ رچاوي ناري.

هڪڙي نئين نويڪلي ناري آهي جنهن کان پنهنجو محبوب وڇڙي ويو آهي. هوءَ وڇوڙي جي سوڳ منائي پئي، هڪ پل مري پيئي ۽ هڪ پل جيئي پيئي. هِي جيڪڏهن چُرندڙ ڦرندڙ، ناز ۽ نخرا ڪندڙ، من ۾ نينهن نچائيندڙ، گهونگهٽ مان ادائون پسائيندڙ، وڪايل ڳالهيون سمجهائيندڙ، ساجن لاءِ سيج سجائيندڙ، جوڀن جا جوش جلوا ڏيکاريندڙ ۽ جوانيءَ جا رنگ رچائيندڙ جيئرو جاڳندڙ هڪ نوجوان ناري جو اسڪيچ ناهي ته ٻيو ڇا آهي:

پريتم پاوي پريت بچاوي،

ڇيل ڀنور سُون لاڊ لڊاوي،

لال سِنڌُوري مانگ ڀراوي،

ڪاني ڪمنڊل ڪوڏ ڪُڏاوي،

ڦُلڙي پهري ڦاگ رچاوي،

چَپ را چُوڻ چُڳاوي ناري،

ايوا رنگ رچاوي ناري.

ٿر ۾ وسڪاري جي شام ويلا جو ڪنهن ڀِٽ تي فوزيه کي بي انتها ٻڌڻ کان اوطاق جي صحن ۾ ويهي امر رائيسنگھ جي هن شاعري “تون چوين ٿي ٿر ۾ ڇا آهي؟ ٿر ۾ هڪڙو جيون آهي” مان ٿڪ ڀڃي سگهجي ٿو. ان کان پوءِ ڀِنل رات جي پهرئين پھر ۾ هڪ وني ڪيئن گهور انڌاري ۾ پنهنجي ور کي ساري ٿي، جنهن جي سار ۾ ساھ ڦوڪي امر رائيسنگھ ان ريت بيان ڪئي آهي:

ڀيني  رين  ڀَنورا  ٻولي،

ڪامڻ را ڪنٿ بيگا آئو،

گڙتي ماري گهور انڌاري،

ڪايا ڪاٽي رين ڪَٽاري،

پريتم  لاري  گوري گاوي،

گيت رساڙو ورساڙو…!

ٿان بِن لاگي مانرا بالم

پگ ۾ واڙو ورساڙو..!

امر ڪويتا جي ٻني پاڻ پوکي، پاڻ ئي تاتي پالي ۽ پاڻ ئي ان کي زرخيزي ارپي، سرسبز ۽ شاداب بڻائي ۽ پوءِ هزارين نينهاريل نيڻن جي اڃ اجهائي ۽ ڪيترين ئي ڀٽڪيل عاشقين ۽ وڇڙيل دلين جي زخمن تي لفظن ۾ ڪيفيتن جا پها رکيائين. اچو هي بند پڙهو:

گاگر ۾ نا ساگر ماوي

مڌ   پيالا   پلٽا  کاوي

رم جهم ڪرتا آئو بالما

ڇاتي ني ڇُلڪائو بالما

سُندر سُوني سيج منگاوي

ڪجلي ڪاڙو ورساڙو…!

ٿان بِن لاگي مانرا بالم

پگ ۾ واڙو ورساڙو..!

گاگر مطلب ننڍي گهڙي جو هڪ قسم جنهن جو ڪنڌ ٿورو ڊگهو هوندو آهي، جنهن کي ٿر جون عورتون خاص ڪري پاڻي جي ڀري ڪڇ تي کڻنديون آهن ۽ ساگر آهي سمنڊ…..! ڇا ته شاعري جي اُڏار آهي. هاڻي اچون ٿا هن هيٺين سٽن تي جيڪي “راڌا” نظم مان ورتيون آهن. هي نظم ناهي پر مٺڙي منوهر جي بانسري جي ڌُن تي راڌا جو رقص آهي. جنهن جي هڪ هڪ ادا، نرتڪي ڪلا، ٻانهن جا ڇلانگ، ڳچي جا ور، پيرن جو جُهومڻ، راڌا جي چال جي چنچلتا ۽ ان تي ڌرتيءَ جو گجڻ آهي، جنهن کي امر پنهنجي ڪلا سان زنده جاويد بڻائي ڇڏيو آهي:

مُرلي منوهر مُرلي  واجي،

راڌا ناچي ڌرتي گاجي،

واڏڙ ويج ڦَڙُوڪي لاجي،

چَال چَنچالي چاليءَ راڌا،

جُهومي ڪانان واليءَ راڌا،

ٽهُو ٽهُو هانسي اَمرت هاري،

ڏاڙم ڏانت  چَپان ري لاري

گُهوري گُهور ڪَٽاري ماري،

نينان هي دو  ناليءَ راڌا،

جُهومي ڪانان واليءَ راڌا.

هن جي شاعريءَ ۾ سرتيءَ جي محبت آهي ئي آهي پر ان جي شاعري ڌرتيءَ جي محبت سان به سرشار آهي. هن جي شاعريءَ ۾ جتي سرتيءَ جا چاڳ ۽ چلولايون آهن، اُتي ڌرتيءَ جي دانهن ۽ ڌرتي ڌڻين جي آھ پڻ آهي. هن پنهنجي شاعريءَ کي رومانس وارو روح به ڏنو آهي ته هن پنهنجي شاعريءَ کي دراوڙ اکيون به ڏنيون آهن:

دراوڙ ريت ڌرتيءَ جي،

دراوڙ جيت ڌرتيءَ جي،

دراوڙ ديس مُنهنجي ۾،

دراوڙ دادلي آھي!

امر رائيسنگھ راجپوت جو نثر ته سڄو ئي صحرا جو سُڏڪو، دراوڙ لوڪ جي ڪٿا، مٽي هاڻن ماڻهن جو نوحو ۽ پنهنجن ديس ڌڻين جي وارتا آهي پر امر پنهنجي شاعري کي روپلي جي ڪاتر جھڙي تکائي بخشي آهي، جيڪا وطن سان ٿيندڙ ويساھ گهاتي تي سراپا شور بڻجي گجي ٿي. هو جيترو ڪنهن سرتيءَ جي سندور لٽجڻ تي دُکي ٿئي ٿو، ايترو ئي ديس جي نور لُٽجڻ تي سراپا درد بڻجي ٿو. امر جي شاعريءَ ۾ جتي سورنهن سينگار ٿيل خوبصورت ناريون محو رقصان آهن، اتي جنم ڀومي جي لاءِ ڪُڏندڙ اوچا ڳاٽ پڻ جرڪن ٿا:

هٿن جي ترين تي ڏيئا تيل ٻرن ٿا،

اِجهو  ڪنڌ ڪُونڌر ڪَپائي ورن ٿا،

ڪري سڏ سنڌُو جي پنهنجن پُٽن کي،

وطن جي مِٽي لئه مُرڪي مرن  ٿا،

جنهيءَ جي چپن تي سنڌڙيءَ چُري ٿي،

وطن سان مُحبت گهڻو ڪُجهه گُهري ٿي…

 ٻئي هنڌ لکي ٿو:

بُکئي  بيٽ بَرن ۾ ڀَٽڪي سگهن ٿا،

ڏُکين  سان اُلجهي ۽ اَٽڪي سگهن ٿا،

وطن جي حقن لئه وڏن سان وڙھندي،

ڦاهين جي ڦنڌن تي لَٽڪي سگهن ٿا،

بغاوت جي ٻولي  هينئن مَنجهه هُري ٿي،

وطن سان مُحبت گهڻو ڪُجهه گُهري ٿي.

امر جڏهن پنهنجي ڌرتيءَ ۽ ڌرتي ڌڻين سان ظلم ٿيندي ڏسي ٿو، تڏهن چُپ ڪري نٿو ويهي، پنهنجي شاعريءَ کي وڙهڻ جو فن سيکاري ٿو. جيڪا شاعري عورت جي اڙٻنگ عشق سان سرشار آهي ۽ محبوب جي محبت سان پُر ٿيل آهي، ان شاعريءَ ۾ دشمن سان نفرت ڪيئن ٿو ڀري. ان محبت سان ڀريل شاعريءَ ۾ هڪدم ديس جي دشمن لاءِ ڌڪار آهي، جنگ جو اعلان آهي، وجود جي ويڙھ آهي، پنهنجن دنگن ۽ ننگن جي مالڪي آهي ۽ مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ هڪ محاذ سجايل آهي، جنهن تي امر رائيسنگھ راجپوت جي شاعري روپلي ڪولهي جي ڪاتر بڻجي وڙهي رهي آهي.

امر رائيسنگھ راجپوت جو نه صرف نالو امر آهي پر هو پاڻ امر آهي ۽ پنهنجي ڪلا کي صدين جي امرتا بخشي آهي. ٻئي هڪڙي نظم ۾ عورت جي ڪائنات ۾ وطن جي وابستگي کي ڪهڙي ڪلا سان پوئي ٿو. سندن آرٽ ته ڏسو:

ڌرتي سارو ديس آ تُنهنجو،

نيرو اَمبر ويس آ تُنهنجو،

مُرڪون تو ۾ ماڻا تو ۾،

راڄ به تو ۾ راڻا تو ۾،

ڀِٽون تو ۾ ڀاڻا تو ۾،

سارا هَند وڇاڻا تو ۾،

درياءَ تو ۾ دَنگ به تو ۾،

قدرت جا ڪُل رنگ به تو ۾،

[email protected]