ڪڙيوگهنور(ن پ ا) ڪڙيي گهنورجهوپڙا هوٽل جي مالڪ عثمان لاکيار ۽ هوٽل جي مزدورن بچايو ، صدام ۽ ٻين پاران هوٽل جي تندور اڳيان مانيون کڻي ڪئنالن خلاف انوکو احتجاج ڪندي ڪئنالن خلاف نعري بازي ڪئي، ان موقعي تي هنن چيو ته سنڌودرياءَ جو پاڻي هوندو ته سڀ ڪجهه هوندو، اناج، ڀاڄيون، فصل سڀ پاڻي سان ئي آهن، ڪئنال ڪڏهن به قبول نه ڪنداسين، درياءَ اسان جي هرشي آهي، جياپي لاءِ پاڻي تمام ضروري آهي، حڪمران ڪئنالن جو نوٽيفڪشن جاري ڪري وڌيڪ پريشاني کان بچائين