ڪڙيوگهنور ( ن پ ا ) ڪڙيوگهنور لڳ ڳوٺ سهراب خان نظاماڻي ۾ گذريل رات ٻه نامعلوم چور بيواهه اجو ڪولهڻ جي گهر ۾ گهڙي سمورو سامان کاڌي پيتي جو شيون اٽو هنڌ ۽ ٻيون سامان کڻي فرار ٿي ويا ، ان  بعد متاثر بيواهه پنهنجي ٻن پٽن کي ساڻ ڪري انصاف لاء ڪڙيوگهنور پريس ڪلب پهچي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل رات آئون پنهنجن پٽن سميت برادري جي ماڻهن وٽ  ڪنهن ڪم سان ويل هئس، گهر کي تالا لڳل هئا، پويان رات جو چورن وجھ وٺي منهنجي گهر جا تالا ٽوڙي گهر اندر پيل سمورو سامان ٿانو ڪپڙا بسترا کاڌي پيتي جون شيون اٽو ۽ ٻيو سامان کڻي فرار ٿي ويا.  پوءِ صبح جو اسان کي ڳوٺ وارن اطلاع ڏنو، جنهن بعد اسان آياسين ۽ ڏٺوسين ته واقعي گهر جا تالا ٽٽل هئا ۽ سمورو سامان کنيل هو. هن نامعلوم چورن خلاف اين سي داخل ڪرائي آھي، قانون ۽ وس وارن کي اپيل آھي ته مون بيواهه سان انصاف ڪري چوري ٿيل سامان موٽرائي ڏنو وڃي.