ڪڙيوگهنور(رپورٽ: عبدالرسول سمون) ڪڙيي گهنور ۾ نينگريءَ تي تشدد ڪري سندس اکين ۾ مرچ وجھندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي. چار ڏينهن گذرڻ جي باوجود 12 سالا ٻارڙي سان ظلم ڪندڙ جوابدار پوليس گرفتار نه ڪيا. ٻارڙي جي وارث عورتن جو بااثر جوابدار جي گرفتاري لاءَ احتجاج ڪڙيوگهنور شھر جي غريب آباد ڪالوني ۾ چار ڏينهن اڳ ڪولهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ 12 ورهين جي ٻارڙي جهنجوءَ سان پيش آيل معاملو ٿاڻي کان ويندي چڱن مٺن تان به پهتو، پر پوليس متاثر ٻارڙي جي وارثن کان فقط اين سي وٺي ماٺ ٿي وئي معاملي جو ڪوبه حل نه ڪڍيو ۽ نه ئي متاثر ٻارڙي جي والد ريوا ڪولهي ۽ جوابدار ڌر جي لالو ڪولهي جي وچ ۾ ڪو سرچاءَ نه ڪرائي سگهي. ياد رهي ته چار ڏينهن اڳ متاثر ٻارڙي جهنجو ڌي ريوا ڪولهي کي جوابدار لالو ڪولهي جي گهر واري کنڀي پنهنجي گهر ۾ تشدد ڪري، اکين ۾ مرچ وجهڻ ۽ پيارڻ کانپوءِ بيهوشي جي حالت ۾ پنهنجي گهر ڀرسان ٻارڙي جي گهر ٻاهران اڇلائي وئي هئي. انهي الزام واري معاملي کان پوءِ ٻنهي ڌرين ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جو معاملو ٿاڻي تي به پهتو پر پوليس ڪوبه نوٽس نه ورتو آهي، ڪالهه جوابدار ڌر جي ماڻھن هر هڪ ڌنجي عرف ڌنيو ڪولهي، لالو ڪولهي ۽ ٻين متاثر ٻارڙي جي ماء امينا زال ريوا ڪولهي تي تشدد ڪيو. جنهن کان پوءِ متاثر ٻارڙي جي امڙ امينا ڪولهي پيءُ ريوا ڪولهي ۽ ٻين وارث عورتن ٿاڻي تي پهچي جوابدارن خلاف دانهيو پر پوليس معاملي کي لھ مٽي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو. جنهن بعد متاثر ٻارڙي جي زخمي ماءُ پيءُ ۽ ٻين وارث عورتن ڪڙيوگهنور پريس ڪلب پهچي پاڻ سان انصاف ۽ جوابدارن ڌرجي ماڻھن جي گرفتاري خاطر سخت احتجاج ڪندي آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي بدين کان انصاف جو مطالبو ڪيو آھي.