ڪڙيو گهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور ۾ خليفه محمود فقير نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا مقابلا جاري آهن، پهرين ميچ سٺيا اليون ۽ محمود فقير اليون وچ ۾ کيڏي وئي، سٺيا اليون ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 107 رنسون ٺاهي سگهي ۽ محمود فقير اليون کي کٽڻ لاءِ 108رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جواب ۾ محمود فقير اليون صرف 85 رنسن تي ڍير ٿي ويئي، اهڙي طرح سٺيا اليون 22رنسن تان مئچ کٽي ورتو، جڏهن ته ٻيو مئچ نوحاڻي اليون گولاڙچي ۽ الفا اليون ڪڙيو جي وچ ۾ مئچ کيڏيو ويو، نوحاڻي اليون گولاڙچي ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 91 رنسون ٺاهي سگهي، ۽ الفا اليون ڪڙيو کي کٽڻ لاءِ 92 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جواب ۾ الفا اليون ڪڙيو صرف 62 رنسون ٺاهي سگهي، اهڙي طرح نوحاڻي اليون گولاڙچي مئچ پنهنجي نالي ڪري ورتو.