ڪڙيوگهنور(ن پ ا) ڪڙيو گهنور ۾ روز مرهه جي شين جا اگهه ٻيڻا ٿي ويا، خبر موجب  ڪڙيوگهنور شهر ۾ عام واهپي جي شين سميت راشن، فروٽ، سبزين، مرغي، گوشت، مڇي ۽ ٻين شين جا اگهه وڌي ويا آهن، ڪيترن دڪانن تان ريٽ لسٽون به غائب مسڪين عام روزيدار سخت پريشان ٿي ويو آهي، رمضان شريف کان اڳ ۾ کنڊ 150 کان 160 جي وچ ۾ في ڪلو وڪرو ٿي رھي ھئي پر رمضان شريف جو مھينو شروع ٿيندي ئي واپارين کنڊ في ڪلو 165 کان 170رپيا ڪري ڇڏي، شربت جي بوتل 400 واري 450 کان 500 رپيا، کجور في ڪلو 400 واري 500 کان 600 رپيا ڪلو، ڪڪڙ جو گوشت في ڪلو 720 وارو في ڪلو 800  رپيا وڪرو، مڇي 800 رپيا، وڏو گوشت 1200، ٻاڪرو گوشت 1800کان 2500 رپيا في ڪلو وڪرو  جاري، ڪيلو 150 کان 200 درجن، صوف 400کان 500 نارنگي 250 کان 300  سميت کير واريون سيون 400 سو بدران 600 سو رپيا ڪلو ٿي ويون،گدرو في ڪلو 30 وارو ھن وقت 100 رپيا ڪلو، جڏھن ته ڇانھي 250 رپيا ڪلو واري  300 رپيا ڪلو وڪرو جاري، سموسو 25 ڪچوري30 رول 30  پڪوڙا 400 ڪلو، سبزي ۾ آلو 120 ٽماٽا 50کان 60 مٽر 200 گجر 80 توري 100 کيرو 70 چانور 350 کان 400 گيھه 500 رپيا ڪلو سميت برف ۽ ٻين  سڀني جي اگھن پڻ واڌ ڪئي وئي آھي، جنھن سبب مسڪين پورھيت روزيدار سخت پريشان آھن.