ڪڙيوگهنور ( ن پ ا )ڪڙيوگهنور ۾ هر سال جيان هن سال به ڪربلا جي ميدان ۾ انسانيت جي عظيم هستي ۽ دين اسلام جي سربلندي خاطر شهادت ماڻيندڙ حضرت امام حسين عليه اسلام ۽ سندن ساٿين جي ياد ۾ ڪالهه ڪڙيوگهنور ۾ 6 محرالحرام جي نسبت سان ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ مومنن پاران ڪڙيوگهنور جي دربتول شهزاده علي اڪبر تان ماتمي جلوس بر آمد ٿيو، ڪڙيوگهنور ۽ ان جي ڀرپاسي جي علائقن ترائي ، مصري شاه جو ڍير، گولاڙچي ، کورواھ ، متارو مان ننڊا وڏا ماتمي جلوس امام بارگاهه در بتول شهزاده علي پهتا، ماتمي جلوس جي اڳواڻي سيد شرف الدين شاھ ، ۽ ٻين ڪئي آهي ،ڪڙيوگهنور جتي امام بارگاھ در بتول شهزاده علي اڪبر ۾ عزادري جو سلسلو جاري ڪري ياحسين ياحسين جون صدائون بلند ڪيون ويون ,ڪڙيوگهنور عزازدارن پاران ڪڙيوگهنور جي مئن روڊ پريس ڪلب چوڪ تي ماتم ڪري سينازئي ڪئي آهي ويئي، ڪڙيوگهنور جلوس ۽ ماتم جي نگراني لا۽ سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن , ڊي ايس پي گولاڙچي عبدالرحيم خاصخيلي، ايس ايچ او ڪڙيوگهنور عبدالستار ڳنڀير سميت ترائي، کورواهه ، گولاڙچي ۽ ٻين شهرن جا پوليس اهلڪار ۽ موبائيل پڻ موجود هئا، ڪڙيوگهنور ٻئي پاسي ٽائون ڪاميٽي ڪڙيوگهنور طرفان ماتمي جلوس جي رستن تي صفائي سٿرائي جا نظام بهتر ڪيا ويا آهن ڊاڪٽر ۽ ملازم به پڻ پنهنجي ڊيوٽي سر انجام ڏئي رهيا آهن ، جيڪي زخمي ٿيندڙ عزازدارن جي مرهم پٽي ۽ علاج ڪري رهيا آهن.