ڪڙيوگهنور (رپورٽ عبدالرسول سمون ) ڪڙيوگهنور خليفه محمود فقير نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائينل ٿيو. فائينل ۾ سٺيااليون ۽ نظاماڻي اليون هڪٻئي جي آمهون سامهون ميدان تي لٿيون، جڏهن ته نظاماڻي اليون فائينل جي ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪندي سٺيا اليون جي بالرن سامهون وڏو ٽارگيٽ ڏيڻ ۾ ناڪام وئي ۽ مقرر اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي  صرف 83 رنسون ٺاهي سگهي. جواب ۾ سٺيااليون جي رانديگر اريز انصاري جي بهترين بئٽنگ سبب 3 اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي مليل هدف آساني سان حاصل ڪري ورتو. اريز انصاري بهترين بئٽنگ ڪندي 10 بالن تي 40 رنسون ٺاهي سگهيو جنهن تي کيس مئن آف دي مئچ قرار ڏنو ويو. مهمان خاص ٽائون ڪميٽي جا چيئرمين خليفه نياز نظاماڻي ۽ وائيس چيئرمين خليفه ڏاڏا ثناءُ الله نظاماڻي هئا. سٺيا اليون کي ونر ٽرافي سان گڏ 30000 ٽيھ هزار ڪيش ۽ هارائيندڙ ٽيم نظاماڻي اليون کي 20000 ويھ هزار ڪيش ۽ رنر ٽرافي ڏني وئي.