ڪڙيوگهنور(رپورٽ: عبدالرسول سمون) ڪڙيوگهنور ۾ تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف ڪاٺٻانڀڻ برادري پاران سڪندر ڪاٺٻانڀڻ، رفيق ڪاٺٻانڀڻ، عظيم سنڌي، ڄيٺو مل، گيانچند مهيشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شهر جي ڀٽو چوڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جي سم نالي موري تي سخت  احتجاج ڪري روڊ بند ڪري ڪئنالن خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌو درياءَ اسان جو ساھه روح ۽ جياپو آهي، اسان سنڌ دشمن ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ ڪڍڻ نه ڏينداسين، ڪئنال نڪرندا ته سنڌ تباھه ٿي ويندي،  انسان پکي توڙي جانور سڀ مري ويندا، سنڌ ڪمائي پنجاب کي کارائي ٿي، جيڪڏهن وفاق حڪمرانن ڪئنالن جو ڪم بند نه ڪيو ته سنڌ جو ٻچو ٻچو ڪئنالن خلاف ميدان عمل ۾ اچي پنهنجي جدوجهد جاري رکندو ، ۽ اسان پنهنجي ساھه جي آخري گهڙي تائين وڙهنداسين.