ڪڙيوگهنور ( ن پ ا ) ڪڙيوگهنور لڳ  ديھ ڪاهيڪي جي   ڳوٺ عباس رند ۾ 55 سالن جي پيرسن عبدالطيف رند ٻٻر جي وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، فوتي پيرسن 5 ٻارن جو پي هو ، ٻئي پاسي سندس ڀاء عباس رند سان رابطي تي هن ٻڌايو ته منهنجي ڀاء جو ذھني توازن درست نه هو جنهن ڪري هن وڻ ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي ڪئي آھي ، هن چيو ته اسان ڪڙيوگهنور ٿاڻي تي رپورٽ ناهي ڪئي نه ڪنداسين ، جڏهن  ته خودڪشي واري واقعي کان ڪڙيوگهنور پوليس کي بي خبر رکيو ويو.