ڪڙيوگهنور (رپورٽ: عبدالرسول سمون) شهيد محمد فاضل راهو جي نگري  ڪڙيوگهنور جي ڳوٺ حاجي دودو خان ڏيانگ ۾ شھيد فاضل راهوءَ، ۽ رسول بخش پليجي جي فڪر سان سلهاڙيل، عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ نالي واري تعليمدان  پرائمري  استاد حاجي عثمان ڏيانگ ذاتي پريشانين کان تنگ اچي  پنهنجي گهر جي بورچي خاني اندر رسو ٻڏي ڦاهو کائي مُبينا خودڪشي ڪري ڇڏي، واقعي جي اطلاع تي حد جي پوليس فوتي جي گهر  پهچي لاش کي  پوسٽ ماٽم لاءِ تعلقه اسپتال گولاڙچي آندو، جتان ضروري  قانوني ڪارروائي کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، لاش گهر پهچندي ئي ڳوٺ ۾ ڏُک جي لهر ڦھلجي وئي، مرحوم جي جنازي نماز سندس ابائي ڳوٺ حاجي دودو خان ڏيانگ ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ عوامي جمهوري پارٽي جي اڳواڻن سميت علائقي مان وڏي انگ ۾ عزيزن سياسي سماجي مذهبي ڌرين صحافين شرڪت ڪئي،  مرحوم پويان هڪ بيواهه ٻه پُٽ چار نياڻيون سوڳوار ڇڏيا آھن، سندس جسم خاڪي کي سوين الين اکين سان ابائي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آھي. وارثن موجب حاجي عثمان ڏيانگ گهرو پريشانين کان تنگ ٿي خودڪشي ڪئي. ڪجهه ڏينهن اڳ شهيد فاضل جي مزار تي علي محمد جوکيو به خودڪشي ڪئي هئي، ڪجهه ڏينهن اندر هي ڪنهن سياسي ڪارڪن جي خودڪشي جو ٻيو وڏو واقعو آهي.

عثمان جو ڀائرن سان ملڪيت تڪرار هلندڙ هو: علائقي ۾ چوٻول

ڪڙيوگهنور: 45 سالن کان جمهوريت لاءِ جهيڙيندڙ عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي سابق اڳواڻ ڪامريڊ وشنومل  سندس موت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آھي ته  حاجي عثمان ڏيانگ انقلابي نغمن جدوجهدن مقابلن جي زمانن ۾ پنهنجي گهر ۾ اک کولي، هن جو والد حاجي دودو ڏيانگ  1960 واري زماني کان فاضل صاحب جو گهيرو دوست هو، فاضل سان سياسي جدوجهدن توڙي ذاتي ڪچهرين ۾ به گڏ هوندو هو، عثمان جي گهر ۾ فاضل جي جدوجهد نيلام بند ڪريو تحريڪ، سنڌي ۾ لسٽون ڇپرايو تحريڪ جا ذڪر شامل هوندا هئا، سنڌ سميت پوري پاڪستان خاص طورتي لاڙ جي علائقي جي مظلوم عوام جو ڏڍ، ڀرجهلو ۽ ساٿ جو سونهون هو. جنهن جا ذڪر عثمان جي گهر ۾ روز جي بنياد تي ٿيندا رهندا هئا، عثمان جو ڄمڻ ۽ وڏو ٿيڻ  ڪڙيوگهنور هائي اسڪول روزانو  ڳوٺ کان 6 ميل پنڌ ڪري اچڻ پڙھڻ  هن جي زندگي تي وڏو اثر وڌو. ڳوٺ کان ڪڙيو گهنور اچي پارٽي جي ماڻھن سان بحث مباحثا ڪرڻ عثمان جو روز جو معمول هوندو هو، فاضل جي ڏڍ سرپرستي جي ڪري هن جي گهر سميت پوري علائقي جي ماڻھن ۾ حوصلو وڌيو ۽ ظلم جي خلاف پنهنجي حقن جي حاصلات لاءِ شعور اُجاڳر ڪيو، پورن 55 سالن جي دور ۾ هڪ ڏينهن به جدوجهد شعور کان خالي نه هو عثمان پاڻ  پنهنجي  غريب ۽ بيوس عوام جو ڏڍ ڀرجهلو هو

ڪڙيو گهنور: وارثن موجب مرحوم جو ننڍو پٽ عزيز ڏيانگ به دماغي مريض آهي، ان جو به علاج هلندڙ آهي ۽ پاڻ به ڪجھ وقت کان دماغي مريض شوگر ۽ بليڊ پريشر جو مريض ٿي ويو هو، پوليس موجب به عثمان ڏيانگ گهرو پريشانين کان تنگ ٿي خودڪشي ڪئي آهي، ٻئي طرف علائقي ۾ چوٻول آهن ته حاجي عثمان ڏيانگ سان سندن ڀائرن جو ملڪيت تي تڪرار هلندڙ هو ، هن ان پريشاني کان تنگ ٿي خودڪشي ڪئي