ڪڙيو گهنور(ن پ ا) تعلقي ٽنڊي غلام حيدر جي ڳوٺ فقير عبدالواحد ڪاٺٻانڀڻ جي رهواسين، پنهنجي برادري جي بااثر قاضي شمس ڪاٺٻانڀڻ، قاضي عبداللطيف، ماستر ذوالفقار، رمضان، خالد لطيف، قاضي امتياز خلاف محمد رفيق، اياز علي، غلام مصطفيٰ، فوجي عبدالجبار، حيات علي، شوڪت، غلام نبي، فرمان علي سميت ٻين پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي چيو ته بااثرن اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ لاءِ مختلف قسم جا ڊراما ڪري اسان جي مٿان  روز ڪي نه ڪي نوان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري اسان کي بي گناھه هراسان ڪري رهيا آهن، هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.