ڪڙيوگهنور(رپورٽ: عبدالرسول سمو ) ڪڙيوگهنور ۾خليفه محمود فقير نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري آهي. جنهن ۾ ملاح ڪنگ اليون ۽ جانباز اليون سوڀاريون ٿيون. پهريون مئچ ملاح ڪنگ اليون ۽ بخاري اليون وچ ۾ ٿي، ملاح ڪنگ اليون ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 113رنسون ٺاهيون ۽ بخاري اليون کي کٽڻ لاء 114رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ، جواب ۾ بخاري اليون صرف 70 رنسونتي ڍير ٿي وئي. بهترين بئٽنگ ڪرڻ تي ڪنگ اليون جي شوڪت مهيري کي مئچ جو هيرو قرار ڏنو ويو هن 23بالن تي 81 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ،ٻي ميچ جانباز اليون ۽ مڇاري اليون وچ ۾ ٿي، مڇاري اليون پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ صرف 66رنسون ٺاهي سگهي ۽ جانباز اليون کي کٽڻ لاء 67رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ، جواب ۾ جانباز اليون 2 وڪيٽن جي نقصان تي 4 اوورن ۾ مليل ٽارگيٽ آساني سان حاصل ڪري ورتو ، بهترين بئٽنگ ڪرڻ تي جانباز اليون جي رانديگر سرمد نوتڪاڻي کي مين آف دي مئچ قرار ڏنو ويو ، سرمد نوتڪاڻي 15 بالن تي 50 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.