ڪڙيوگهنور ( رپورٽ: عبدالرسول سمون ) ڪڙيوگهنور خليفه محمود نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري ، نوحاڻي اليون ۽ سمان اليون ڪامياب ، ڪڙيوگهنور خليفه محمود نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري ، پهريون مئچ سهراب ڳوٺ اليون ۽ نوحاڻي اليون وچ ۾ کيڏيو ويو ، سهراب ڳوٺ اليون ٽاس کٽي پهريان فلڊنگ جو فيصلو ڪيو  ،  نوحاڻي اليون کي بئٽنگ جي دعوت ڏني ، جيڪو کين لاء نقصان ٽابت ٿيو ، نوحاڻي اليون پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 120 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويئي ، ۽ سهراب ڳوٺ اليون کي کٽڻ لاء 121رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ، جواب ۾ سهراب ڳوٺ اليون 115 رنسون ٺاهي سگهي ، اهڙي طرح نوحاڻي اليون 6 رنسن تان مئچ پنهنجي نالي ڪري ورتو ، جڏهن ته ٻيو مئچ سمان اليون ۽ مهيري اليون وچ ۾ کيڏيو ويو ، مهيري اليون ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 100 رنسون ٺاهي سگهي ۽ سمان اليون کي کٽڻ لاء 101 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ، جواب ۾ سمان اليون مليل ٽارگيٽ 5 اوور ۾ پورو ڪري ورتو ، بهترين بئٽنگ ڪرڻ تي محمد سمون کي مين آف دي مئچ قرار ڏنو ويو ، محمد سمون 20 بالن تي 56 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو