ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور خليفه محمود فقير نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري آهي، پهريون ميچ فيوچر اسٽار اليون ۽ جئي سنڌ اليون وچ ۾ کيڏيو ويو، فيوچر اسٽار اليون ٽاس کٽي پهريان جئي سنڌ اليون کي بئٽنگ جي دعوت ڏني، جيئي سنڌ اليون پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي 124 رنسون ٺاهي سگهي ۽ فيوچر اسٽار اليون کي کٽڻ لاء 125 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جواب ۾ فيوچر اسٽار اليون 110 رنسون ٺاهي سگهي ، اهڙي طرح جئي سنڌ اليون 15 رنسن تان مئچ پنهنجي نالي ڪري ورتو ، بهترين بئٽنگ ڪرڻ تي جيئي سنڌ اليون جي رانديگر آصف کوکر کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، آصف کوکر 13 بالن تي 50 اسڪور سان نمايا رهيو، جڏهن ته ٻي ميچ ينگ بوائز اليون ۽ ڪشمير اليون وچ ۾ کيڏي وئي، ڪشمير اليون ٽاس کٽي پهريان ينگ بوائز اليون کي بئٽنگ جي دعوت ڏني ، ينگ بوائز پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 122 رنسون ٺاهي سگهي ۽ ڪشمير اليون کي کٽڻ لاءِ 123جو ٽارگيٽ ڏنو ، جواڀ ۾ ڪشمير اليون ابرار نظاماڻي جي شاندار بئٽنگ سبب مليل ٽارگيٽ آخري اوور جي 4 بال تي بغير ڪنهن وڪيٽ جي حاصل ڪري ورتو ، بهترين بئٽنگ ڪرڻ تي ڪشمير اليون جي رانديگر ابرار نظاماڻي کي مئچ جو هيرو قرار ڏنو ويو، ابرار نظاماڻي 22بالن تي 85 رنسن سان نمايا رهيو، جڏهن ته هن ٽورنامينٽ جي ڪاميٽري جا فرائض خالد مجيد مهيري، نعيم ميراڻي، دريا خان، امام بخش سهتو، سومار خيبر، آصف نظاماڻي ، دودو مهيري جن ڏيندا آهن بهترين ڪاميٽري ڪرڻ تي ڪرڪيٽ جا شوقين ۽ تماشائي کين داد ۽ انعام به ڏيندا آهن.