ڪڙيو گهنور(ن پ ا) ڪڙيوگهنور ۾ خليفه محمود فقير نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري آهي، پهريون مئچ ڪاٺٻانڀڻ اليون ۽ قاضي ڪنگ اليون وچ ۾ کيڏيو ويو، ڪاٺٻانڀڻ اليون ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 109رنسون ٺاهي سگهي ۽ قاضي ڪنگ اليون کي کٽڻ لاءِ 110 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جواب ۾ قاضي ڪنگ اليون مليل ٽارگيٽ 4 اوورن ۾ بغير ڪنهن  وڪيٽ جي نقصان تي آساني سان حاصل ڪري ورتو، بهترين بيٽنگ ڪرڻ تي قاضي ڪنگ اليون جي رانديگر فيصل آرائين کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو ، فيصل آرائين بهترين بيٽنگ ڪندي 16 بالن تي 56 رنسن سان نمايان رهيو، جڏهن ته ٻي ميچ اتحاد اليون ۽ فرينڊس اليون وچ ۾ کيڏيو ويو، اتحاد اليون ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 104رنسون ٺاهي سگهي ۽ فرينڊس اليون کي کٽڻ لاءِ 105رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جواب ۾ فرينڊس اليون واري جي ڀت ثابت ٿي ڪو به رانديگر اتحاد اليون جي سامهون ڄمي مقابلو نه ڪري سگهيو ۽ صرف 57 رنسن تائين محدود رهي، اهڙي طرح اتحاد اليون مئچ پنهنجي نالي ڪري ورتو ، بهترين بئٽنگ ڪرڻ تي اتحاد اليون جي رانديگر مور چانڊيو کي مين آف دي مئچ قرار ڏنو ويو ، مور چانڊيو 60رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيو.