ڪڙيوگهنور(ن پ ا) ڪڙيوگهنور خليفه محمود فقير نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا دلچسپ مقابلا جاري ، ڪنگ آف ڪڙيو ، ڪڙيوسٽي اليون۽ ملاح ڪنگ اليون ڪامياب، ڪڙيوگهنور خليفه محمود فقير نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا دلچسپ مقابلا  جاري پهريون مئچ ڪنگ آف ڪڙيو اليون ۽ ببن پير اليون وچ ۾ کيڏيو ويو، ببن پير  اليون  ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 64 رنسون ٺاهي سگهي ۽ ڪنگ آف ڪڙيو اليون  کي کٽڻ لاء 65 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ، جواب ۾ ڪنگ آف  ڪڙيو اليون 5 اوورن ۾ مليل ٽارگيٽ آساني سان پورو ڪري ورتو  ، اهڙي ڪنگ آف ڪڙيو  اليون  مئچ کٽي ورتي، ٻيو مئچ ڪڙيو سٽي  اليون ۽ برادر اليون گولاڙچي وچ ۾ کيڏيو ويو ، ڪڙيوسٽي  اليون ٽاس کٽي پهريان کيڏندي مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 130  رنسون ٺاهي سگهي ، ۽ برادر اليون  گولاڙچي کي کٽڻ لاء 131 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ، جواب ۾ برادر اليون  گولاڙچي صرف 100 رنسن تي ڍير ٿي ويئي ، اهڙي طرح ڪڙيو سٽي اليون 31 رنسن تان  مئچ کٽي ورتي، جڏهن ته ٽيون مئچ   ملاح ڪنگ  اليون  ۽ الحسيني اليون جي  وچ ۾ کيڏيو ويو ، ملاح ڪنگ  اليون ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 122رنسون ٺاهي سگهي ، ۽ الحسيني اليون کي کٽڻ لاء 123 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جواب ۾ الحسني اليون 119 رنسون ٺاهي سگهي ، اهڙي طرح ملاح ڪنگ 4 رنسن تان مئچ کٽي ورتي ، بهترين بئٽنگ ڪرڻ تي ملاح ڪنگ جي رانديگر عمان کي مئن آف دي مئچ قرار ڏنو ويو ، عمان 84 رنسن سان نمايا رهيو .