ڪڙيوگهنور(ن پ ا) ڪڙيو گهنور ۾ تار لڳائڻ دوران پردي لاءِ نه چوڻ تان جهيڙو، 4 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. تفصيل موجب شهر جي مڇاري پاڙي ۾ رهندڙ پنهور برادري جي ماڻهن بجلي جي تار لڳائڻ دوران سومرا برادري کي نه ٻڌايو، جنهن سبب بي پردگي ٿيڻ تي سومرا برادري پاران ڪاوڙ جو اظهار ڪيو  ويو، ٻنهي ڌرين ۾ ڏند چڪ بعد جهيڙو ٿي پيو، ڪهاڙيون لڳڻ سبب 4 سڳا ڀائر محمد علي سومرو، راجامير سومرو ۽  لطف سومرو ڪهاڙين ۽ لٺين جا ڌڪن لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيا جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾  تعلقه اسپتال گولاڙچي ريفرر ڪيو ويو آھي، جتان کين حيدراباد اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس ٻن ڄڻن جبار پنهور ۽ علي محمد پنهور کي گرفتار ڪري جهيڙي جو ڪيس داخل ڪري ورتو.