ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيو گهنور ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٽئين ڏينهن به شھر ۾ ھلندڙ منشيات جي عام واهپي بدامني چورين خلاف ٽن واري علامتي بک هڙتال جاري، بک هڙتال تي سياسي سماجي قوم پرست اڳواڻن جي شرڪت، بک هڙتال ڪيمپ تي ايس ايچ او ڪڙيوگهنور علاءُ الدين خاصخيلي ۽ وڏي منشي ااهبچايو پهچي ايس ٽي پي اڳواڻن ابوبڪر ڪڇي، رتنو مل، هارون شيخ، نواز کوڙ ۽ ٻين کي جوس پياري ڳالهيون ڪري بک هڙتال ختم ڪرائي، ان موقعي تي ايس ايڇ او بک هڙتال ڪئيمپ تي اڳواڻن کي يقين ڏياريندي چيو ته توهان جا جائز مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، ان موقعي تي ايس ٽي پي اڳواڻن چيو ته ڪڙيوگهنور شھر ۽ ڀرپاسي ۾ منشيات عروج تي آھي، شھر ۾ ننڍا وڏا منشيات جا عادي بنجي ويا آھن، هاڻي ته گهرن ۾ عورتون به منشيات جون عادي ٿي ويون آھن، جڏهن ته ڪڙيوگهنور ٿاڻي جي ايس ايچ او علاءُ الدين خاصخيلي بک هڙتال ڪيمپ تي پهچي اڳواڻن سان ڳالهيون ڪري جوس پياري بک هڙتال ختم ڪرائي ڇڏي.