ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور منشيات بند ڪريو نوجوان نسل بچايو ، ڪرپٽ ايس ايڇ او هٽايو ڪڙيوگهنور سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران ٻئي ڏينهن به شھر ۾ ھلندڙ منشيات جي عام واهپي بدامني چورين خلاف ٽن واري علامتي بک هڙتال جاري، بک هڙتال تي سياسي سماجي قوم پرست اڳواڻن جي شرڪت، بک هڙتال ڪيئمپ تي ايس ٽي پي اڳواڻن ابوبڪر ڪڇي، رتنو مل، هارون شيخ، نواز کوڙ ۽ ٻين چيو ته ڪڙيوگهنور شھر ۽ ڀرپاسي ۾ منشيات عروج تي آھي، نااهل انتظاميه ۽ منشيات سبب نوجوان نسل تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪو آھي ,منشيات جي واهپي سبب ڪيترائي ڳڀرو نوجوان پنهنجون زندگيون وڃائي چڪا آھن , شھر ۾ بدامني جي باهه ڀڙڪيل آھي، جنهن ڪري هر روز چوريون معمول بڻيل آھن، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته نااهل ايس ايڇ او ڪڙيوگهنور کي هٽائي ايماندار ۽ سينئر ايس ايچ او مقرر ڪري درجنين چوري ٿيل موٽرسائيڪلون ۽ ٻيون سامان واپس ڪرائي شھر جو امن ٻيهر بحال ڪرائي ڏنو وڃي.