ڪڙيو گهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور شھر ۽ ڀرپاسي ۾ پوليس ۽ بااثر ڀوتارن جي سرپرستي ۾ روز چوريون ، ڦرون، ٻارڙن سان جبري زناڪاريون، منشيات، توڙي جسم فروشي جهڙا ناسور امن دشمن ڪُڌا ڪاروبار زور وٺي وڃڻ ڪري ، ڪڙيوگهنور جي سُلجهيل باشعور شھرين ايس ٽي پي جي اڳواڻي ۾ امن امان جي بحالي، ۽ ڪُڌن ڌنڌن جي خاتمي لاءِ پوليس خلاف اڄ کان وڌيڪ ٽن ڏينهن تائين بُک هڙتالي ڪئمپ هر صورت ۾ پُر امن طور جاري رکڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، بُک هڙتال ڪئمپ تي امن پسند، بدامني ۽ منشيات کان تنگ آيل ڪڙيو جي رهواسين جو ايس ٽي پي اڳواڻن سان گڏ ميڊيا کي چوڻ آھي ته ڪڙيوگهنور ٿاڻي جي حد ۾ وک وک تي منشيات،سميت وڌندڙ بدامنيءَ هتان جي عوام جو جئيڻ ئي جنجال ڪري ڇڏيو آھي، روز چورين ڦرئن سميت ٻين ناسور سرگرمين جي ڪري ڪڙيوگهنور ٿاڻي جي ايرياز جا رهواسي بلڪل غير محفوظ ۽ چورن ڏوهارين پوليس مخبرن ڀوتارن جي رحم ڪرم تي آھن، ڪڙيوگهنور ايس ايچ او هٽائي چورين، ڦرن، منشيات سميت ڪُڌا ڌنڌا ڪندڙ مافيائن خلاف سخت قدم کنيا وڃن، نگران سنڌ سرڪار،آئي جي سنڌ ايس ايس پي بدين ڪڙيوگهنور ۾ امن امان بحال ڪري.