ڪڙيو گهنور(اسپورٽس نيوز) ڪڙيوگهنور لڳ خاصخيلي آئل فيلڊ ۾ مرحوم ڪامريڊ مٺو مهيري نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامنيٽ جا دلچسپ مقابلا جاري آهن. پهرين ڪوارٽر فائينل ۾ نوحاڻي اليون پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 83 رنز ٺاهيون، جواب ۾ شلمبجر اليون آسانيءَ سان هدف پورو ڪيو. حمزا کي جارحاڻي اننگ کيڏڻ تي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ٻي پري ڪوارٽر مئچ ۾ سچوا اليون پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 125 رنز ٺاهيون، جواب ۾ پنهور اليون 86 رنز تي ڍير ٿي وئي. اهڙي طرح سچوا اليون 39 رنز تان مئچ پنهنجي نالي ڪئي. بهترين بيٽنگ ڪرڻ تي دلنواز چانڊيو پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.