ڪڙيوگهنور(رپورٽ: عبدالرسول سمون) ڪڙيوگهنور خليفه محمود فقير نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جاري، ڪڙيو سٽي اليون ، نونداڻي اليون ، ۽ جنت السنڏ ڪڙيو اليون ڪامياب، ڪڙيوگهنور خليفه محمود فقير نائيٽ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جا بهترين مقابلا جاري، پهريون مئچ ڪڙيوسٽي اليون ۽ ببن پير اليون وچ ۾ کيڏيو ويو ، ڪڙيو سٽي اليون ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 71 رنسون ٺاهي سگهي ۽ ببن پير اليون کي کٽڻ لاء 72 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ، جواب ۾ ببن پير اليون 68 رنسون ٺاهي سگهي اهڙي طرح ڪڙيوسٽي اليون 4 رنسن تان مئچ کٽي ورتي، ٻيو مئچ مهيري ڪنگ اليون ۽ نونداڻي اليون وچ ۾ کيڏيو ويو، نونداڻي اليون ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 122رنسون ٺاهي سگهي ۽ مهيري ڪنگ اليون کي کٽڻ لاء 123 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ، جواب ۾ مهيري ڪنگ اليون صرف 70رنسن تي ڍير ٿي ويئي، اهڙي طرح نونداڻي اليون 53 رنسن تان مئچ کٽي ورتي ،بهترين بئٽنگ ڪرڻ تي نونداڻي اليون جي رانديگر بابر پٺاڻ کي مئن آف دي مئچ قرار ڏنو ويو ، بابر پٺاڻ بهترين بئٽنگ ڪندي 15 بالن تي 64رنسن سان نمايا رهيو، ٽيون مئچ الحسيني گولاڙچي ۽ جنت السنڌ ڪڙيو جي وچ ۾ کيڏيو ويو ،الحسيني گولاڙچي ٽاس کٽي پهريان بئٽنگ ڪندي مقرر اوورن ۾ هڪ وڪيٽ جي نقصان تي صرف 61 رنسون ٺاهي سگهي ۽ جنت السنڌ ڪڙيو کي کٽڻ لاء 62 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو ، جواب ۾ جنت السنڌ ڪڙيو مليل حدف هڪ وڪيٽ جي نقصان تي ٽن اوورن ۾ آساني سان حاصل ڪري مئچ پنهنجي نالي ڪري ورتي، سڀاڻي اڄ کان پري ڪوارٽر کيڏيا ويندا ، جيڪا ٽيم پري ڪوارٽر مئچ کٽيندي اها ڪوارٽر لاء ڪواليفاء ڪري وٺندي.